سليمان خان ٽالپر

سليمان خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>سليمان خان ٽالپر خيرپور رياست جي باني مير سهراب خان ٽالپر جو ٽيون نمبر ڀاءُ هو. هي پنهنجي وقت جي اميرن مان هڪ هو. هي وڏو دورانديش ۽ هر دلعزيز انسان هو. مير سليمان خان ڪلهوڙن خلاف هالاڻيءَ واري جنگ ۾ شامل هو پر اڳتي هلي هو الڳ ٿي ويو. هن کي چار پٽ هر هڪ مير محمد خان، مير غلام شاهه خان، مير حيدر خان ۽ مير علي مراد خان نالي ٿيا، جن مان مير محمد خان کانسوءِ باقي سڀ بي اولاد مري ويا. مير محمد خان کي مير الله ڏني نالي هڪ پٽ هو، جنهن جو اولاد اڄ تائين راهوجن جي ڳوٺ ۾ آهي.
مير سليمان خان 1256هه/1840ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سليمان خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو